جمعيت اهل حديث

جمعيت اهل حديث: هيءَ هڪ مذهبي ۽ سياسي جماعت آهي . هيءَ 1949ع ۾ مولانا دائود غزنويءَ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿي ، مولانا غزنوي ان جو صدر ۽ پروفيسر عبدالقيوم جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا . ان ئي سال مولانا محمد ابراهيم سيالڪوٽيءَ جي صدارت ۾ پهرين اهل حديث ڪانفرنس لاهور ۾ منعقد ٿي . جميعت اهل حديث جو نظريو آهي ته سموري اسلامي تعليم جو بنياد قرآن مجيد ۽ سنت نبوي صلي الله عليه وآلھ وسلم تي مبني آهي . هن جماعت ملڪي سياست ۾ به مختلف موقعن تي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . پاڪستان ۾ هن جون 5 هزارن کان وڌيڪ شاخون ڪم ڪري رهيون آهن . هن جا ڪيترائي مدرسا پڻ آهن . هن جا ڪيترائي رسالا شايع ٿيندا رهن ٿا ، جن ۾: هفتيوار ’الاعتصام ‘ لاهور ، هفتيوار ’اهل حديث ‘ لاهور ، هفتيوار ’الاسلام ‘ گوجرانوالا ، ماهوار ’محدث ‘ لاهور ۽ ماهوار ’الفيصل ‘ فيصل آباد شامل آهن . هن تنظيم جا ڪيترائي ناميارا عالم ميمبر پڻ رهيا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو